ديار دل ۽ داستان محبت

ديار دل ۽ داستان محبت

ديار دل ۽ داستان محبت

ديار دل ۽ داستان محبت (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور دانشور ۽ سياستدان جي. ايم. سيد جو لکيل آهي، جنهن ۾ عشق، تصوف ۽ روحانيت تي پيرائتو بحث آهي. ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي: (1) محبت جـي مـاهـيـت، (2) عـشـق مجازيءَ جـو ابتـدائـي دور، (3) مجـاز جـو سـن بـلــوغ، (4) مجازي عشق جي جواني، (5) مجاز جي پيري، (6) حقيقت جو انڪشاف.
هيءُ ڪتاب جي. ايم. سيد جي فڪري ارتقا جو مظهر آهي. ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ عشق جي مرحلن کي بيان ڪندي، مجاز ۽ عشق حقيقيءَ جون منزلون واضح ڪيون آهن. هن ڪتاب ۾ تصوف جي ڳوڙهن رازن کي به بيان ڪيو آهي ۽ روحانيت جي تشريح مفڪرانه انداز ۾ ڪئي وئي آهي.
هن ڪتاب ۾ ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ وانگر مصنف، مذهبن جي حقيقت، روح جي ترقي، محبت جي ماهيت، عشق جي سبق آموز حقيقت، مرحلن، تصورن ۽ ذات ۽ صفات جي وصف کي بيان ڪيو آهي. ليکڪ ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”مذهبي طور طريقن تحت تقويٰ، پرهيزگاري ڪرڻ، عبادتون ڪرڻ، چلا ڪڍڻ، وظيفه پڙهڻ، بزرگن جون زيارتون ڪرڻ، درويشن سان صحبتون ڪرڻ سان زندگي شروع ڪيم.“
ان بعد جي. ايم. سيد جن نتيجن تي پهتو، اُهي بيان ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي پيش لفظ ۾ سائين. جي. ايم. سيد پنهنجن رفيقن، علامه آءِ. آءِ. قاضي، قاضي مخدوم بصرالدين، سخي قبول محمد فاروقي (اول)، ڪرشنا مورتي، مرزا قليچ بيگ، خواجه حسن نظامي، مولانا حسين احمد مدني، خواجه محمد حسن جان سرهندي، مولوي احمد مصطفيٰ ملڪاڻي، پير ميان محمد شاهه ذاڪري، ڄيٺمل پرسرام، ميان عبدالرحيم درس لاءِ ڄاڻايو آهي ته هو انهن کان مستفيض ٿيو.
هن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد پنهنجي زندگيءَ ۾ عشق جي مرحلن جو تذڪرو ڪيو آهي، جنهن سان تصوف جي ماهيت کي سمجھڻ ۾ رهبري ٿئي ٿي. خاص طور ڪتاب ۾ ’سنڌ ماءُ جو خواب ۾ اچڻ ۽ سندن گفتگو‘ وارو ڀاڱو جي. ايم. سيد جي اندر جي ڪيفيتن ۽ شخصي گهَرائيءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
هن ڪتاب کي موضوعاتي حوالي سان ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ جي ٻي ڪڙي يا تسلسل چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ان پهلوءَ کي نمايان ڪيو ويو آهي ته شخصيتن جو ’معراج‘ عشق حقيقيءَ ۾ مدغم ٿيڻ سان آهي. ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد جي فڪر ’اتحاد انساني، امن عالم، ترقي بني آدم‘ جا نقطا ورجايل آهن.
هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 2004ع ۾ جي. ايم. سيد اڪيڊمي، سن، ضلعي دادو مان ڇپيو. چار رنگي ٽائيٽل سان، 316 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو